منهنجو ڳوٺ حيات خان مريءَ، جنهن کي عام طرح گهرام جو ڳوٺ يا گهرام مري پڻ سڏيندا آهن، اهو، قاضي احمد شهر جي ڏکڻ اوڀر طرف اٽڪل 3 ميل جي مفاصلي تي آهي. اصل ڳوٺ گهرام مري هڪ پراڻو ڳوٺ آهي جنهن ۾ ملڪ جي تقسيم کان اڳ واڻيا وڏي تعداد ۾ رهندا هيا ۽ ڳوٺ هڪ سڌريل ڳوٺ هو جنهن ۾ بازار پڻ هئي. پر هن وقت اهو اصل ڳوٺ دڙن جي شڪل ۾ آهي. ۽ هاڻوڪو ڳوٺ اصل ڳوٺ کان اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ آهي. اصل ڳوٺ گهرام مري جيڪو هن وقت هڪ مقام ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ان ۾ هڪ نامڪمل پر ٺهندڙ مسجد به ڏسڻ جوڳي آهي جيڪا بغير ڇت جي آهي پر انجي ڪم ۾ استعمال ٿيل سر ۽ مٽيريل انتهائي حيرت ڪندڙ آهي جو اڄ ڏينهن تائين اها مسجد ان ئي صورت ۾ آهي ۽ ان کي ذرو برابر به نقصان نه ٿيو آهي. بقول اسانجي والد صاحب جَي ته اسان به پنهنجي ٻاراڻي کان وٺي ان مسجد کي انهي ساڳي صورت ۾ ئي ڏٺو آهي. ان جي ڪا به خبر نه آهي ته اها مسجد مڪمل ڇو نه ٿي ۽ اهڙي مسجد جو ڪم اڌ ۾ ڇو رڪجي ويو.

منهنجو والد صاحب شفيع محمد سومرو تعليم سان واڳيل هيو ۽ سکيو مناهيجو مڊل اسڪول ۾ انگريزي استاد هو. نج ٻهراڙي واري ماحول ۾ منهنجي پرورش ٿي ۽ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ئي منهنجي پرائمري تعليم پوري ٿي. مڊل اسڪول جي تعليم لاءِ سکيومناهيجو مڊل اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ منهنجي داخلا ٿي جتي روز پنهنجي والد صاحب سان گڏ اسڪول ويندو هئس. (منهنجو والد صاحب هن وقت ريٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي ۽ سڪرنڊ ۾ رهائش پزير آهي.) اسڪول واري عرصي دوران جن استادن کان تعليم حاصل ڪئي انهن ۾ سائين محمد اصحاق بالادي مرحوم، سائين رحيم بخش لاکو، سائين جميل خانزادو ۽ سائين مولوي ......... جمالي قابل ستائش استاد هئا. ستين ڪلاس ۾ داخل ٿياسين ته سکيو مناهيجو ڇڏي مڊل اسڪول مشائخ ۾ شفٽ ٿيس. مشهور شاعر حسن درس ۽ سندس ٻه ٻيا عزيز ذوالفقار ۽ اسد اللٰه درس پڻ هن اسڪول ۾ ئي زير تعليم هيا. مڊل پاس ڪري نائين ڪلاس ۾ ايڇ ايم خوجه هاءِ اسڪول نوابشاه ۾ داخل ٿيس. هيءُ اسڪول مشهور تعليمي ماهر سائين ايڇ ايم خوجه جي نالي پٺيان سوسائٽي ۾ حاڪم علي زرداري ۽ سائين امداد محمد شاه جي بنگلي ڀرسان قائم ڪيو ويو هو. هن اسڪول ۾ تعليمي سيشن دوران سائين الاهي بخش سهتو (محرابپور وارو)، سائين احمد سعيد، سائين محمد سعيد ۽ سائين اللٰه بچايو ڀٽي کان تعليم پرائي. اسڪولي ساٿين مان جيتوڻيڪ جو گھڻن جا نالا وسري چڪا آهن ، پر سينئر ساٿين مان مرزا عدنان محمود بيگ ، سائين آصف حيدر شاه (هاڻوڪو ڪمشنر حيدرآباد )، مصدق آرائين ۽ حبيب اللٰه ڏاهري جا نالا ياد آهن جڏهن ته ڪلاس فيلوز ۾ تصدق آرائين ، ممتاز آرائين، سعيد آرائين، رفيق زرداري، عابد زرداري، سائين زاهد حسين شاه، ظفر ڏهراج شامل هئا جڏهن ته قاضيِ احمد جا ظهور ۽ رضوان ۽ انور شاه ۽ منور شاه به منهنجا ڪلاس فيلو هئا. وارث فاروقي ، نجيب ، قاسم ۽ ملڪ پڻ ڪلاس فيلوز ۾ شامل هئا. آخر ۾ ڄاڻايل وارث ، نجيب ، قاسم ۽ ملڪ اسڪول کانپوءِ هن وقت تائين وري ملي نه سگهيا آهن. 1984 ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ نوابشاه جي سچل سرمست ڊگري ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر انجنيئرنگ ۾ داخل ٿيس. ڪاليج دوران دوستن جي گروپ جنهن ۾ سليم سولنگي، محمد عثمان ڏاهري، اظهر مغل ۽ ذوالفقار علي شاه سان سنگت رهي. جڏهن ته ليڪچرارن ۾ سائين محمد رمضان سولنگي، سائين مير عبدالرسول ٽالپر، سائين عبدالواحد جندران، سائين محمد يوسف لاکو قابل ستائش استاد هئا جڏهن ته پرنسپل سائين عبدالقادر ڏاهري پڻ هڪ بهترين منتظم ( ايڊمنسٽريٽر ) هيو. انٽر ڪرڻ کانپوءِ يونيورسٽي ۾ داخلا جو انتظار رهيو . جنهن دوران تعليم کاتي ۾ آيل نوڪرين لاءِ پڻ اميدوار طور درخواست ڏني ۽ پهرين پرائمري ۽ پوءِ سيڪنڊري اسڪول ۾ جي ايس ٽي استاد طور آرڊر مليو. ان دوران مهراڻ يونيورسٽي جي قائد عوام ڪيمپس ۾ ايڊمشن لاءِ فارم جمع ڪرايو. ۽ انسان گڏ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٻيلي کاتي ۾ مشتهر ٿيل نوڪري ءَ لاءِ پڻ اپلاءِ ڪيو. جيتوڻيڪ قائد عوام يونيورسٽيء ۾ اليڪٽريڪل ٽيڪنالوجي ۾ به داخلا ٿي وئي پر ان کي ڇڏي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي فاريسٽري جي ڊگريءَ لاءِ پشاور هليا وياسين.